حسين شهيد سهروردي

حسين شهيد سهروردي

حسين شهيد سهروردي

حسين شهيد سهروردي: ناليوارو سياستدان ۽ پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم حسين شهيد سهروردي ولد سهر زاهد سهر وردي 8 سيپٽمبر 1893ع تي بنگال جي شهر مدناپور ۾ڄائو. هن جو والد ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ جو مستقل جج هو ۽ سندس ماءُ خجسته اختر بانو اردوءَ جي تمام وڏي ليکڪا هئي. هن ايس. ٽي ايڪسوريز ڪاليج مان بي. اي ۽ ڪلڪتي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪئي. ان کانپوءِ بي. سي. ايل جي سند حاصل ڪرڻ لاءِ برطانيا جي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪيٿرينز ڪاليج ۾ ويو. تعليم جي حصول بعد ’گريزان‘ ۾ وڪالت جي سکيا ورتائين. ڪجهه ئي عرصي کانپوءِ واپس ڏيهه پهتو ۽ ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1920ع ڌاري سر عبدالرحيم جي ڌيءَ بيگم نياز فاطمه سان سندس شادي ٿي. ان دوران هن هندستان جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ سووراج پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪري، پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. 1923ع واري ”بنگال پيڪٽ“ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. 1924ع ڌاري ڪلڪتي ڪارپوريشن جو ڊپٽي ميئر ٿيو. جلد ئي صوبائي اسيمبليءَ ۾ سووراج پارٽيءَ جو ڊپٽي ليڊر منتخب ٿيو. 1925ع ڌاري چترنج داس جي وفات بعد هن سووراج پارٽيءَ جي ميمبرشپ تان استعيفا ڏني ۽ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو، سندس گهر واري بيگم نياز فاطمه جي وفات کان پوءِ هن روس جي هڪ مشهور آرٽسٽ ويرا اليگزينڊرونا ٽسڪينو ڪيلڊر (جيڪا مسلمان ٿيڻ بعد بيگم نورجهان سڏي وئي) سان شادي ڪئي. مسلم ليگ جي پليٽفارم تان گڏيل هندستان واري بنگال ۾ ليبر کاتي ۽ سول سپلائيز کاتي جو وزير رهيو ۽ ان وقت (1946ع) هندستان ۾ حسين شهيد سهروردي، خواجا ناظم الدين ۽ مولوي عبدالحق جي ڪوششن سان بنگال ۾ مسلم ليگ جي حڪومت قائم ٿي. پاڪستان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد هن پاڪستان عوامي مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ مولانا عبدالحميد ڀاشانيءَ سان گڏجي ڪم ڪرڻ لڳو. پاڪستان عوامي مسلم ليگ ڪجهه وقت کانپوءِ عوامي ليگ سڏجڻ ۾ آئي، جيڪا مسلم ليگ جي مخالفت ۾ جڙي هئي. 1950ع ڌاري عوامي مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو ليڊر چونڊيو ويو.
1956ع ۾ پاڪستان جي پهرئين آئين جي بنيادي شقن ۾ اصولي اختلاف ڪندي ٻين سياستدانن سان گڏ هن، صحي نه ڪئي، پر ستت صدر اسڪندر مرزا جي مرضيءَ سان پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو. ان دوران هن 1956ع واري آئين جي پارليامينٽري ايڪٽ هيٺ پاڪستان ائٽمي انرجي (PEAC) جو بنياد وڌو ۽ ملڪ کي ائٽمي طاقت بنائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا ويا. هن ڊاڪٽر نظير احمد جي سرڪردگيءَ ۾ سائنسدانن ۽ فزڪس جي ماهرن تي مشتمل PEAC نالي سان ’نيوڪليئر ليب‘ جو قيام عمل ۾ آندو. بنگال ۾ نيوڪليئر ريسرچ انسٽيٽوٽ جو بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ PEAC معرفت ڪراچيءَ ۾ نيوڪليئر پاور پلانٽ قائم ڪيائين. 1958ع ڌاري ايوب خان جي آمريت جو سخت مخالف رهيو، جنهنڪري کيس چونڊن ۾ نااهل قرار ڏنو ويو. ان تي هي عدالت ۾ ويو ۽ پاڻ کي اهل ثابت ڪرايائين. سياسي طور مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ باوجود متحرڪ رهيو ۽ بنگال ۽ سنڌ سميت ٻين سڀني صوبن جا دورا ڪري ايوبي مارشل لا خلاف عوامي راءِ هموار ڪيائين. هيءُ ان وقت صوبن اندر نون ضلعن ٺاهڻ جي رٿ جو سخت مخالف رهيو. ملڪي ترقيءَ ۾ سندس ڪردار واکاڻ جوڳو رهيو. 1963ع ڌاري کيس دل جو دورو پيو. بيروت ۾ علاج دوران 5 ڊسمبر 1963ع جي رات وفات ڪيائين. کيس ڍاڪا ۾ مولوي فضل الحق جي مزار جي ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


لفظ حسين شهيد سهرورديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1893.09.08  عيسوي

ناليوارو سياستدان ۽ پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم حسين شهيد سهروردي ولد سهر زاهد سهر وردي 8 سيپٽمبر 1893ع تي بنگال جي شهر مدناپور ۾ڄائو.


1963.12.05  عيسوي

5 ڊسمبر 1963ع جي رات وفات ڪيائين. کيس ڍاڪا ۾ مولوي فضل الحق جي مزار جي ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام ڏاتار (بزرگ)
محمد ايوب ساند
پسند علي عاصي
عبدالرب نشتر سردار
شيرين جناح
ضياء محي الدين
تارا چند شوقيرام
رحمت الله خليفو
دروڻاچاريه
حڪيم لقمان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون